تیز گرمی سندھی شاعری

 


غزل ...........واحدبخش واصف 


مئي جي گرمي کي ڏسي , قيامت کي ٿورو ياد ڪر  

حال پنهنجي کي پسي , قيامت کي ٿورو ياد ڪر


سج سوا نيزي تي ھوندو , حال پنهنجو ڇا ٿيندو 

منظر اھو من ۾ رکي , قيامت کي ٿورو ياد ڪر 


ظالم ڀلي تون ظلم ڪر , ڌيان اڳتي ڀي ته ڌر 

ڪيئن ويندين پل تان ٽپي , قيامت کي ٿورو ياد ڪر 


ھت ته تون ڏاڍو آھين , رب جي آڏو ڪجھ ناھين 

ڪم ايندوء سنگتي نه ساٿي , قيامت کي ٿورو ياد ڪر 


اڄ تنهنجي مرضي ھلي ٿي , ھر جگھ تي بلي بلي ٿي 

 آخرت جي لاء ڪمايو ڇا اٿي , قيامت کي ٿورو ياد ڪر


پھتي ته ويجھو آ صفا , رب جي حڪم جي دير آ 

واصف جي مٺڙا منٿ ٿي ـ قيامت  کي  ٿو  ياد ڪر 


تبصرے