ایصال الثواب جی لاء ھی طریقو بھی بھتر آ قبرستان ۾ هڪ ٻار قبر کي ڀاڪر پائي روئي رھيو ھيو ۽ چئي رھيو ھيو تہ بابا اٿو استاد چيو آهي تہ سڀاڻي فيس ضرور آڻجو نہ تہ پنھنجي بابا کي ساڻ وٺي اچجو،
اٿو....بابا..... اٿو نہ......
انهيءَ موقعي تي ڀر واري قبر تي بيٺل ھڪ امير شخص پنهنجي پيءُ جي قبر لاءِ ھزارين روپين جي هڪ قيمتي چادر ۽ گل خريد ڪري ڏئي وڃڻ لاءِ پنهنجي ملازم ڏانهن فون بہ ڪري رھيو هيو تہ ان ٻار جون ڳالهيون بہ ٻڌي رهيو هيو، فون ڪندڙ شخص اهڙو هيانءُ ڏاريندڙ منظر ڏسي اھو چئي فون بند ڪئي تہ بس چادر ۽ گل نہ کپن، ڇو تہ هڪ خوبصورت گل ھتي مونکي ملي ويو آهي، ائين چئي قبر تي روئيندڙ ٻار کي ڳراٽڙي پائيندي چيائين تہ پٽ مون کي تنهنجي بابا موڪليو آهي ۽ ھي وٺ پيسا، وڃي فيس بہ ڀر ۽ نئين يونيفارم بہ وٺ، ڇوڪري پيسا وٺندي جڏهن ڳوڙهن سان آلو ٿئي ويل چهري تي مسڪراهٽ آندي تہ امير شخص به خوشيءَ ۾ روئي ڏنو ۽ دٻيل آواز ۾ چيائينس پٽ تنهنجو بابا منهنجو جگري دوست هيو ۽ هاڻي هو هڪ ڊگهي سفر تي هليو ويو آهي، آئندہ تنهنجو خرچ هو مون ڏي موڪليندو ۽ تون هر مهيني جي پهرين تاريخ تي هن قبرستان مان مون کان وٺي ويندو ڪر.......!!!
دوستو......!!! اھڙين فضول رسمن تي پئسا خرچ ڪرڻ بجاء ضرورتمندن جي مدد ڪندا ڪيو ته وڏو اجر به ملندو ۽ اوهان کي روحاني سڪون به ملندو......
(ڪاپي)
😭😭 🙏 طالب

MashaAllah
جواب دیںحذف کریں